سائنس ڊيسڪ: يوٽيوب هاڻي صرف تفريح جو ذريعو ناهي رهيو پر هي سڄي دنيا ۾ آن لائن آمدني جو هڪ اهم ۽ وڏو پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي. لکين ماڻهو هن پليٽ فارم تان پنهنجي وڊيوز ذريعي گهر ويٺي لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن. پر هاڻي يوٽيوب انتظاميه پاران مونيٽائيزيشن يعني ڪمائي جي حوالي سان نيون ۽ سخت شرطون متعارف ڪرايون ويون آهن، جن تي عمل ڪرڻ هر ڪريئيٽر لاءِ لازمي هوندو.
نين پاليسين تحت، يوٽيوب چينل تان ڪمائي شروع ڪرڻ لاءِ واچ ٽائيم ۽ سبسڪرائيبرز جي حد سان گڏوگڏ مواد جي معيار کي به وڌيڪ سختي سان پرکيو ويندو. ڪاپي رائيٽ ۽ ٻين جو مواد چوري ڪري اپلوڊ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن چينلن کي مونيٽائيزيشن جي فهرست مان ڪڍيو ويندو. ان کان علاوه، ڪميونٽي گائيڊلائنز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ چينلن کي فوري طور تي بند يا معطل ڪيو ويندو.
ٽيڪنالاجي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته يوٽيوب جي هنن نون قدمن جو مقصد پليٽ فارم تي معياري ۽ اصل مواد کي هٿي ڏيڻ آهي. نون يوٽيوبرز کي گهرجي ته اهي ڪنهن به شارٽ ڪٽ کي اپنائڻ بدران پنهنجو اصل ۽ تخليقي مواد تيار ڪن ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کان بچي سگهجي ۽ سندن آمدني جو سلسلو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي.
