پاڪ افغان سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 15 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد ويجهو دهشتگردن جي ملڪ اندر داخل ٿيڻ جي ناپاک ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڀارتي حمايت يافته 15 دهشتگردن کي جهنم رسيد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه آءِ ايس پي آر (ISPR) پاران جاري ڪيل بيان موجب فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کيادر جي جوانن پيشوراڻي حڪم عملي تحت موثر انداز ۾ روڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلو 36 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ 15 خوارجي مارجي ويا. ڪارروائي کانپوءِ علائقي ۾ هلايل سرچ آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جي لاشن وٽان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن وڏي تباهي جي منصيبي تي ڪم ڪري رهيا هئا.

فوجي ترجمان اداري وڌيڪ چيو آهي ته افغان طالبان حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ ۽ عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي. پاڪستاني حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي دفاع ۽ امن جي دشمنن جو مڪمل صفايو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، جڏهن ته سرحد تي ڪليئرنس آپريشن اڃا تائين جاري آهي.