ڪراچي/اسلام آباد: دل جو دورو اڄڪلهه هر عمر جي ماڻهن ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر اصل مسئلو دل جي رڳن جو بند ٿيڻ يا بلاڪ ٿيڻ آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته دل جو دورو اوچتو پوندو آهي پر رڳن بند ٿيڻ جو عمل سالن کان شروع ٿي هلي هلي دل جي دوري تائين پهچندو آهي، جنهن جا اهڃاڻ ڪيترائي سال اڳ ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن.
طبي تحقيق موجب دل جي رڳن ۾ رت جي رواني روڪجڻ جو مکيه ڪارڻ جسم ۾ انسولين جي مقدار جو وڌڻ ۽ ‘انسولين ريزسٽنس’ آهي. جڏهن کاڌي پيتي ۾ ڪاربوهائڊريٽس ۽ سڻڀ جو استعمال وڌي ويندو آهي ته پينڪرياز تمام گهڻ انسولين پيدا ڪندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ رت جون رڳون سوڙھيون ٿي وينديون آهن ۽ شگر سان گڏ دل جي دوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.
هن موتمار مرض کان بچڻ ۽ خطري جي اڳواٽ سڃاڻ جي لاءِ ماهرن طرفان گلوڪوز ٽالرنس ٽيسٽ (GTT) انسولين ريسپانس سان گڏ ڪرائڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. انسولين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ دل کي هميشه صحت مند رکڻ جي لاءِ وقفي وقفي سان بک تي رهڻ، روزا رکڻ، باقاعدي ورزش ڪرڻ ۽ کاڌي ۾ فائبر جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
