صدر آصف علي زرداري جي برطانيا کان پاڪستان واپسي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. صدر جي جهاز کي برطانيا جي فلائيٽ سسٽم ۾ فني خرابي سبب روانگي ۾ دير کي منهن ڏيڻو پيو.ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري اڄ پاڪستان روانو نه ٿيندو، پر هاڻي سڀاڻي پاڪستان روانو ٿيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر زرداري جي جهاز کي برطانيا جي فلائيٽ سسٽم ۾ ٽيڪنيڪل خرابي سبب ڊگهي دير ٿي. ڊگهي دير کان پوءِ صدر جي جهاز جي عملي جا ڪجهه ميمبر ڪمرشل اڏام ذريعي پاڪستان روانا ٿي ويا.
در زرداري جي پاڪستان واپسي بابت نئين شيڊول تحت روانگي سڀاڻي متوقع آهي.
