آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو جاري آهي، جڏهن ته برينٽ خام تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل جي اهم حد کان به مٿي ٿي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار سبب تيل جي فراهمي بابت خدشا وڌي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي رهيون آهن.
اربع ڏينهن شروعاتي واپار دوران برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 2.2 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ اها 100.07 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي. جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) جي قيمت 1.83 سيڪڙو واڌ سان 94.73 ڊالر في بيرل تي واپار ڪري رهي هئي.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ برينٽ خام تيل جي مستقبل جي سودن جي قيمت 1.6 سيڪڙو واڌ سان 99.49 ڊالر في بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته آمريڪي WTI خام تيل 1.72 سيڪڙو اضافي سان 94.63 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب وچ اوڀر ۾ جنگ جي شدت وڌڻ سبب خام تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل جي حد جي انتهائي ويجهو پهچي ويون آهن، جڏهن ته آگسٽ جي شروعات کان هيل تائين برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي.
خام تيل جي قيمتن ۾ هي تيز اضافو آمريڪا طرفان ايراني ٽينڪرن تي حملن ۽ ان جي ردعمل ۾ ايران طرفان خليج ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي.
