: پاڪستان حڪومت اهم سفارتي مقررين ۽ تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي موجوده مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد کي ملڪ جو نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي اهم سفارتي مقررين بابت باضابطه اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي موجوده مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد کي نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏئي ڇڏي آهي.اسحاق ڊار عاصم افتخار احمد جي نئين ذميواري سنڀالڻ تي اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي وسيع سفارتي تجربي ۽ بهترين پيشه ورانه صلاحيتن کي استعمال ڪندي پرڏيهي وزارت جي قيادت ڪندو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مفادن کي وڌيڪ مؤثر نموني اڳتي وڌائيندو.عاصم افتخار احمد هڪ تجربيڪار سفارتڪار طور پرڏيهي معاملن ۾ مختلف اهم ذميواريون انجام ڏئي چڪو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي طور سندس موجوده ذميواري دوران پڻ پاڪستان مختلف عالمي معاملن ۽ سفارتي فورمن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.ٻئي طرف موجوده پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ 17 سيپٽمبر تي پنهنجي ملازمت جي مدت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويندي. آمنه بلوچ 11 سيپٽمبر 2024 کان پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.
