وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ عوام پاران سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پيٽروليم ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ نئين قيمتن جو اطلاق ملڪ ۾ ڪيو ويو، جنهن تي شهرين حڪومت کان پيٽرول جون قيمتون گهٽائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.شهرين جو چوڻ آهي ته جنگ جتي هلي رهي آهي، مهانگائي اتي نه پر پاڪستان ۾ وڌي رهي آهي، جڏهن ته حڪومت مسلسل عوام تي ”پيٽرول بم“ ڪيرائي رهي آهي.عوام جو چوڻ هو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان ٽرانسپورٽ جي خرچن سميت روزمرهه استعمال جون سموريون شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. ڪاروبار اڳ ئي سخت بحران جو شڪار آهي ۽ روزگار جا موقعا به محدود آهن، اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو آخر ڇا ڪمائي ۽ ڇا کائي؟شهرين شڪايت ڪندي چيو ته حڪمرانن کي مهانگائي جي تڪليف جو ان وقت تائين احساس نه ٿيندو، جيستائين کين پنهنجي کيسي مان پيٽرول خريد ڪرڻو نه پوي.عوام جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ هڙتالون ۽ ڌرڻا ٿي رهيا آهن، پر ان باوجود پيٽرول سستو ٿيڻ بدران وڌيڪ مهانگو ٿي رهيو آهي.
شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عوام جي معاشي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول جون قيمتون گهٽايون وڃن ۽ عام ماڻهن کي فوري طور تي رليف فراهم ڪيو وڃي.
