لندن : وفاقي گهرو وزير محسن نقوي برطانيا جي گاديءَ واري شهر لنڊن ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري سان هڪ خاص ۽ اهم ويهڪ ڪئي، جيڪا لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ذريعن موجب ان موقعي تي ملڪ جي هاڻوڪي سياسي منظرنامي، اندروني حالتن ۽ آئيني معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته گهرو وزير پاران صدر تائين هڪ نمايان پيغام پڻ پهچايو ويو.
ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات دوران ملڪ اندر نون انتظامي يا آئيني صوبن جي قيام بابت هلندڙ بحث تي خاص ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن تي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بنيادي ۽ اصولي راءِ تي اٽل رهڻ جو ارادو ورجايو. صدر جو چوڻ هو ته سمورين ڌرين جي مڪمل يڪجهتي ۽ سهمتي کانسواءِ ڪنهن به قومي بحران يا پيچيده مامري جو مستقل نبيرو ممڪن ناهي. هن زور ڀريو ته موجوده ڏکين چئلينجن مان نڪرڻ لاءِ ذاتي متڀيد وساري سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي اڳتي وڌڻ گهرجي. ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپيءَ وارن ٻين اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
