پشاور:
خيبر پختونخوا حڪومت صوبي ۾ زيرِ زمين پاڻي جي مسلسل گھٽجندڙ سطح کي منھن ڏيڻ ۽ پاڻي جي بحران ڪان بچڻ لاءِ ھڪ انتھائي اھم ۽ جامع منصوبو تيار ڪري ورتو آھي. اختيارين پاران جاري ڪيل تفصيلن موجب، ھن نئين حڪمتِ عملي جو بنياد برسات جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ گھرن توڙي ڪار واش اسٽيشنز تي استعمال ٿيندڙ پاڻي کي ٻيھر قابلِ استعمال (ري سائيڪل) بڻائڻ آھي، جنھن سان قيمتي پاڻي جي ضايع ٿيڻ کي روڪي سگھبو.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ ھن منصوبي تحت صوبائي حڪومت سمورن ڪار واش اسٽيشنز تي واٽر ريسائڪلنگ پلانٽس لڳائڻ کي لازمي قرار ڏيندي، جنھن سان گاڏين جي ڌوئڻ دوران روزانو ضايع ٿيندڙ ھزارين گيلن پاڻي کي صاف ڪري ٻيھر ڪم آندو ويندو. ان ڪان علاوھ، شھري علائقن ۾ برسات جي پاڻي کي ضايع ٿيڻ ڪان بچائڻ لاءِ خاص زيرِ زمين ذخيرا ۽ نيڪال جو جديد نظام پڻ جوڙيو پيو وڃي، جنھن جو مقصد پاڻي جي سطح کي ٻيھر مٿي آڻڻ ۽ واٽر ٽيبل کي مستحڪم رڪڻ آھي.
ماھرن ھن قدم کي وقتائتو ۽ خوش آئند قرار ڏيندي چيو آھي تھ موجودھ دور ۾ موسمي تبديلين ۽ پاڻي جي شديد ڪوٽ سبب اھڙا قدم ڪڻڻ وقت جي اھم ضرورت آھن. حڪومت پاران ھن منصوبي تي عمل درآمد لاءِ لاڳاپيل ڪاتن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن تھ جيئن جلد ڪان جلد زميني بنيادن تي ڪم شروع ڪري سگھجي ۽ عوام کي پڻ پاڻي جي بچت بابت آگاھ ڪري سگھجي.
