آگسٽ 2026 کي جولاءِ 2023 سان گڏ دنيا جي تاريخ جو گڏيل طور گرم ترين مهينو قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آگسٽ دوران عالمي سطح تي سراسري گرمي پد 16.96 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 1991 کان 2020 تائين جي سراسري گرمي پد کان 0.85 ڊگري وڌيڪ آهي.
يورپي يونين جي موسمياتي نگراني اداري ڪوپرنيڪس موجب آگسٽ جو گرمي پد صنعتي دور کان اڳ واري 1850 کان 1900ع جي اوسط کان 1.65 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو.
رپورٽ موجب نومبر 2025 کان پوءِ هي پهريون مهينو آهي، جڏهن عالمي گرمي پد ٻيهر 1.5 ڊگري واري حد کان مٿي ويو.
آگسٽ دوران زمين سان گڏ قطبي علائقن ۽ سمنڊن جي گرمي پد ۾ پڻ اضافو ٿيو. سمنڊن جو سراسري سطحی گرمي پد 21.07 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته 24 ۽ 25 آگسٽ تي روزاني سراسري گرمي پد 21.11 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو، جيڪو رڪارڊ بلند سطح آهي.
ڪوپرنيڪس موجب جون کان آگسٽ 2026 تائين وارو عالمي اونهارو پڻ رڪارڊ موجب گڏيل طور تي گرم ترين رهيو، جڏهن ته مغربي يورپ ۾ 2003ع جو گرمي پد وارو رڪارڊ به ٽٽي ويو.
گرمي
