رحمان بابا واري علائقي ۾ پوليس پارٽي تي فائرنگ

پشاور: رحمان بابا واري علائقي ۾ پوليس پارٽي تي فائرنگ دوران ٻن عورتن سان مبينا اجتماعي زيادتي واري ڪيس جا چار گرفتار ۽ حملي آورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران چار ئي گرفتار جوابدار اجتماعی زیادتی کیس جا 4 گرفتار جوابدار فائرنگ ۾ مارجي ويا
پشاور: رحمان بابا واري علائقي ۾ پوليس پارٽي تي فائرنگ دوران ٻن عورتن سان مبينا اجتماعي زيادتي واري ڪيس جا چار گرفتار جوابدار مارجي ويا.سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد موجب پوليس گرفتار جوابدارن کي گڙهي موسيٰ خان ۾ واقعي واري هنڌ جي نشاندهي ۽ سڃاڻپ لاءِ وٺي وڃي رهي هئي ته نامعلوم هٿياربندن پوليس ٽيم تي اوچتو فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس ۽ حملي آورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران چار ئي گرفتار جوابدار مبينا طور پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، جڏهن ته پوليس اهلڪار محفوظ رهيا.مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ عامر، جلال عرف راجا، چاچا ۽ امداس طور ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب جوابدارن تي الزام هو ته هنن گڙهي موسيٰ خان ۾ هڪ گهر جي ڀت ٽپي، هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن کي مبينا اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو هو.واقعي جو ڪيس 6 سيپٽمبر تي رحمان بابا ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته واردات ۾ استعمال ٿيل مبينا هٿيار اڳ ئي جوابدارن کان هٿ ڪيا ويا هئا، جڏهن ته فرار ٿيل حملي آورن جي ڳولا ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.