عنوان: شفيق جان جو رانا ثناء اللھ جي موبائيل فون جي فرانزڪ ڪرائڻ جو مطالبو
اسلام شفيق جان وفاقي حڪومت جي صلاحڪار ۽ مسلم ليگ (ن) جي اھم اڳواڻ رانا ثناء اللھ جي موبائيل فون جو فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. ھن پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو آھي تج تازن واقعن ۽ سياسي پسمنظر ۾ اھو تمام ضروي ٿي ويو آھي تھ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اھم شخصيتن جي مواصلاتي رابطن ۽ ڊجيٽل رڪارڊ جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، جنھن سان ڪيترن ئي لڪيل حقيقتن تان پردو ڪڄي ويندو
شفيق جان جو چوڻ ھو تھ ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ۽ حقيقتن کي عوام سامھون آڻڻ جي خاطر شفاف تحقيقات وقت جي اھم ضرورت آھن. ھن زور ڏنو تھ جيڪڏھن ڪنھن بھ سطح تي ضابطن جي لتاڙ ٿي آھي يا رياستي معاملن ۾ بي ضابطگيون ڪيون ويون آھن تھ واضح ڪرڻ فرانزڪ جاچ ضروري آھي. ھن وفاقي ادارن تي زور ڏيو تھ ھو بغير ڪنھن دٻاءَ جي پنھنجي ذميواريون پوريون ڪن ۽ غير جانبداراڻي انداز ۾ معاملن جي جاچ ڪن
سياسي تجزي نگارن موجب ھي مطالبو اھڙي وقت ۾ سامھون آيو آھي جڏھن ملڪ اندر سياسي پارٽين جي وچ ۾ لفظي جنگ پڻ تيز ٿي چڪي آھي. ٻئي طرف، حڪومتي حلقن طرفان اڃا تائين ھن مطالبي تي باضابطھ ردعمل سامھون نھ آيو آھي ، پر اميد ڪئي پئي وڃي تھ ايندڙ ڏينھن ۾ ھي معاملو پارليامينٽ اندر ۽ گڏوگڏ ميڊيا تي پڻ سخت بحث جو مرڪز بڻجي سگھي ٿو ،
