ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري، 10 آڪٽوبر تي دبئي ۾ ٿيندو پاڪ ڀارت ٽاڪو

دنيا ڀر جي ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري سامهون آئي آهي، جتي روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ڪرڪيٽ رقابت سبب پاڪ ڀارت مقابلو هميشه شوقينن جي خاص دلچسپي جو مرڪز رهيو آهي.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ باهمي ڪرڪيٽ سيريز ڊگهي عرصي کان نه ٿيڻ سبب ٻنهي ٽيمن جا مقابلا هاڻي گهڻو ڪري گهڻ ملڪي ٽورنامينٽن تائين محدود آهن. جڏهن به ٻنهي روايتي حريفن جون ٽيمون هڪ ٻئي خلاف ميدان ۾ لهنديون آهن ته دنيا ڀر جا ڪرڪيٽ شوقين وڏي جوش ۽ جذبي سان ميچ جو انتظار ڪندا آهن.
هاڻي شوقينن لاءِ خوشخبري اها آهي ته هڪ ٻيو وڏو پاڪ ڀارت مقابلو 10 آڪٽوبر تي دبئي ۾ ٿيڻ وارو آهي. هي مقابلو ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز جي ٽئين سيزن ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ اڳوڻا مشهور ڪرڪيٽر هڪ ڀيرو ٻيهر ايڪشن ۾ نظر ايندا.پاڪستان چيمپئنز جي نمائندگي ڪندڙ اسڪواڊ ۾ پاڪستان جا ڪيترائي مشهور ڪرڪيٽ اسٽار شامل آهن. انهن ۾ بوم بوم شاهدي آفريدي، ڪامران اڪمل، سهيل تنوير، شرجيل خان ۽ آصف علي جهڙا نالا شامل آهن. انهن رانديگرن جي موجودگي سبب پاڪ ڀارت مقابلو وڌيڪ دلچسپ ۽ سنسني خيز ٿيڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي.ورلڊ چيمپئن شپ آف ليجنڊز جو ٽيون سيزن 3 کان 18 آڪٽوبر تائين دبئي ۽ شارجه جي ڪرڪيٽ ميدانن تي کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ پاڪستان چيمپئنز ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي ويندي.ٽورنامينٽ جي شيڊول موجب پاڪستان چيمپئنز مختلف مرحلن ۾ آسٽريليا، ويسٽ انڊيز، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن سان مقابلو ڪندي. پاڪستان ٽيم لاءِ 5 آڪٽوبر تي آسٽريليا، 6 آڪٽوبر تي ويسٽ انڊيز، 10 آڪٽوبر تي ڀارت، 12 آڪٽوبر تي ڏکڻ آفريڪا ۽ 14 آڪٽوبر تي انگلينڊ خلاف مقابلا رکيا ويا آهن.پاڪستان چيمپئنز جي مالڪ ڪامل خان موجب ايونٽ جون تياريون ڀرپور انداز ۾ جاري آهن. شوقينن کي اميد آهي ته اڳوڻن اسٽار رانديگرن سان ڀرپور هي ٽورنامينٽ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻيون يادون تازيون ڪندو ۽ پاڪ ڀارت مقابلو خاص طور تي مداحن لاءِ يادگار ثابت ٿيندو.