گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 63هين اجلاس دوران پاڻي جي معاملي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جتي پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جو معاملو عالمي فورم تي ڀرپور نموني اٿاريواجلاس دوران پاڪستاني سفارتڪار عديل ممتاز کوکر پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ڀارت تي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ پاڻي کي دٻاءَ جي اوزار طور استعمال ڪرڻ جو الزام لڳايو.پاڪستاني موقف موجب سنڌ طاس جو پاڻي ڪروڙين پاڪستانين جي بنيادي حقن سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه جي طاس جي پاڻي بابت ڪنهن به هڪ طرفي قدم سان لکين ماڻهن جا بنيادي حق متاثر ٿي سگهن ٿا.پاڪستان زور ڏنو ته پاڻي جي معاملي کي سياسي تڪرار بڻائڻ بدران عالمي ذميوارين ۽ معاهدن جي پاسداري ڪرڻ ضروري آهي.پاڪستاني سفارتڪار جي موقف تي ڀارتي سفارتڪار اعتراض واريا، جنهن تي عديل ممتاز کوکر جواب ڏيندي پاڪستان جو موقف واضح ڪيو ۽ ڀارتي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي پاڪستاني سفارتڪار والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان انساني حقن جي مبينا سنگين ڀڃڪڙين جو معاملو پڻ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڀرپور نموني اٿاريو.
