ڪال سينٽرز ذريعي 172 ارب رپين جي مبينا ڊجيٽل ڦرلٽ، ايف آءِ اي جي خاص جاچ ٽيم قائم

ڪال سينٽرز ذريعي 172 ارب رپين جي مبينا ڊجيٽل ڦرلٽ ۽ مني لانڊرنگ اسڪينڊل جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه اعليٰ سرڪاري آفيسرن جي ملوث هجڻ جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
تفصيل موجب وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اسلام آباد ۾ ڪال سينٽرز ذريعي مبينا ڊجيٽل ڦرلٽ ۽ مني لانڊرنگ واري معاملي جي جاچ لاءِ 9 رڪني خاص تحقيقاتي ٽيم قائم ڪري ڇڏي آهي.
تحقيقاتي ٽيم جي سربراهي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمر ارسلان ڪندا، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لا محمد افضل پڻ ٽيم ۾ شامل آهنٽيم جي ٻين ميمبرن ۾ وقاص زمرد، انسپيڪٽر عثمان افتخار، وجاهت سلطان، طلعت نسيم، سب انسپيڪٽر تابش جاويد، لياقت علي ۽ دانش سرفراز شامل آهن.ايف آءِ اي جي قائم ڪيل خاص ٽيم اربين رپين جي مبينا اسڪينڊل جي مڪمل جاچ ڪندي ۽ پنهنجي اڳڀرائي بابت رپورٽ هر هفتي ايف آءِ اي اسلام آباد جي ڊائريڪٽر کي پيش ڪرڻ جي پابند هوندي.جاچ دوران مبينا مالي بي ضابطگين، مني لانڊرنگ ۽ ڪال سينٽرز ذريعي ٿيندڙ سرگرمين جو جائزو ورتو ويندو.