پشاور: خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دھشتگردن وچ ۾ ٿيندڙ سخت جھڙپن ۽ ڪارروائين دوران پاڪ فوج جا 6 جوان شھيد ٿي ويا آھن، جڏھن تھ سيڪيورٽي فورسز 10 خوارج دھشتگردن کي واصلِ جھنم ڪري ڇڏيو آھي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دھشتگردي جي خاتمي لاءِ ھميشھ پنھنجون ڪوششون جاري رکيون آھن ۽ انھن عزم جو اظھار ڪيو آھي تھ ملڪ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ جانين جا نذرانا ڏيندڙ ھيروز جي قربانين کي ڪنھن صورت ۾ نھ وساريو ويندو دھشتگردي خلاف پاڪ فوج منظم ڪاروايون ڪري رھي آھي
پڌرائي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي تھ پھرين ڪارروائي اتر وزيرستان ۽ ٻي مھمند ضلعي ۾ عمل ۾ آئي، جتي دھشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي فورسز پاران انٽيلي جنس بنيادن تي آپريشن شروع ڪيو آپريشن دوران دھشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنھن جو فورسز پاران ڀرپور جواب ڏنو ويو. فائرنگ جي نتيجي ۾ 10 خوارج دھشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ ھٿيار، بارود پڻ ھٿ ڪيا ويا آھن، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ اھي دھشتگرد علائقي ۾ ڪنھن وڏي تباھي ۽ دھشتگردي جي واقعي کي انجام ڏيڻ جو ارادو رکندا ھئا.
ھن آپريشن دوران ملڪ جي دفاع خاطر جامِ شھادت نوش ڪندڙ جوانن ۾ نائيڪ ۽ سپاھي شامل آھن، جن پنھنجي جانين جو نظرانو پيش ڪندي پنھنجي مٽيءَ سان سچي وفاجو ثبوت ڏنو. شھيد ٿيندڙ جوانن جا مڙھ انھن جي اباڻن علائقن ڏانھن روانا ڪيا ويا آھن، جتي کين مڪمل فوجي اعزاز سان دفنايو ويندو ،علائقي ۾ امڻ ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي دستن کي مقرر ڪيو ويو آھي ۽ فرار ٿيندڙ ٻين دھشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن اڃا تائين جاري آھي.
