اسرائيل سان ھر معاملي ۾ اتفاق ضروري ناھي، آمريڪا پنھنجا فيصلا پاڻ ڪندو: جَي ڊِي وينس

واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس واضح ڪيو آھي تھ آمريڪا جي پرڏيھي پاليسي مڪمل طور تي پنھنجن قومي مفادن جي تابع ھئڻ گھرجي ۽ ان کي ڪنھن بھ صورت ۾ اسرائيل جي پاليسين جو محتاج نھ ٿيڻ گھرجي. ھن ان ڳالھھ تي زور ڏنو تھ ٻنھي ملڪن جا لاڳاپا پنھنجي جاءِ تي اھم آھن، پر آمريڪي قيادت کي پنھنجا فيصلا پنھنجي عوام ۽ رياستي مفادن کي سامھون رکي ڪرڻ گھرجن.

ھڪ اھم پاليسي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جَي ڊِي وينس جو چوڻ ھو تھ آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ دفاعي ٽيڪنالاجي، انٽيليجنس جي ڏي وٺ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جو ھڪ وسيع پسمنظر موجود آھي، جنھن جو احترام ڪيو وڃي ٿو. پر ان جو ھرگز اھو مطلب ناھي تھ واشنگٽن پنھنجي آزاد پرڏيھي پاليسيءَ کان ھٽي ڪري ھر معاملي تي کلي يا لڪي اسرائيل جي حڪمت عمليءَ جي پوواري ڪري

آمريڪي نائب صدر جي ھنن سنسني خيز ريمارڪس کي عالمي سياسي حلقن ۾ انتھائي اھميت سان ڏٺو پيو وڃي.