سعودي عرب جي انتهائي اهم ايسٽ-ويسٽ آئل پائپ لائن جي بحالي ۾ وڌيڪ دير ٿي ته تيل جي ذخيرن ۾ شديد گهٽتائي جو خدشو آهي۔

رائٽرز جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي اوڀر-اولهه آئل پائپ لائن جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن اندر بحال نه ڪئي وئي ته برآمدي تيل جا موجوده ذخيرا مڪمل طور ختم ٿيڻ جو خطرو آهي۔

پائپ لائن بند ٿيڻ سبب عالمي تيل جي فراهمي جو لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو حصو متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔

رپورٽ موجب سعودي عرب وٽ هن وقت بندرگاهن تي تيل جون برآمدون جاري رکڻ لاءِ صرف 5 کان 7 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي، جڏهن ته پائپ لائن کي پهتل نقصان جي مرمت ۾ 5 کان 6 هفتا لڳي سگهن ٿا۔

ماهرن موجب جيڪڏهن پائپ لائن جي بحالي ۾ وڌيڪ دير ٿي ته عالمي تيل جي مارڪيٽ ۾ فراهمي جو دٻاءُ وڌي سگهي ٿو۔