نادرا انٽيگريٽيڊ ویکسينيشن ڪارڊ جي نفاذ جي آخري تاريخ ۾ واڌ، مسافرن ۽ عمره زائرين لاءِ وڏي رليف

نادرا انٽيگريٽيڊ ویکسينيشن ڪارڊ جي لازمي نفاذ جي آخري تاريخ ۾ 25 سيپٽمبر 2026 تائين واڌ ڪئي وئي آهي۔
بارڊر هيلٿ سروسز جي ذريعن موجب نئين فيصلي جو باضابطه نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو۔ آخري تاريخ ۾ واڌ کان اڳ سوين مسافر ۽ عمره زائرين ویکسينيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ هيلٿ آفيس ۾ موجود هئا۔ذريعن جو چوڻ آهي ته آخري تاريخ ۾ واڌ جي فيصلي سان ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ مسافرن ۽ عمره زائرين کي وڏي سهولت ملي آهي۔ياد رهي ته ان کان اڳ لاڳاپيل کاتي اعلان ڪيو هو ته 14 سيپٽمبر 2026 کان پوءِ نادرا سان مربوط ویکسينيشن ثبوت کانسواءِ مسافرن کي سفر جي اجازت نه ڏني ويندي۔
ايئرپورٽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ، بارڊر هيلٿ سروسز پاڪستان، 12 سيپٽمبر تي اعلان ڪيو هو ته پاڪستان مان عمره لاءِ روانو ٿيندڙ مسافرن لاءِ بين الاقوامي سفر دوران نادرا سان مربوط ڊجيٽل ویکسينيشن ثبوت گڏ رکڻ لازمي هوندو۔
7 سيپٽمبر 2026 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اها شرط پوليو، ميننجائٽس، زرد بخار ۽ انفلوئنزا جي ویکسينيشن تي لاڳو ٿيندي