حوثي حملن سان علائقي جي امن کي خطرو پيدا ٿي ويو آھي: عاصم افتخار

اسلام آباد:پاڪستان پرڏيھي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار چيو آھي تھ يمن ۾ حوثين پاران ڪيل تازن حملن جي نتيجي ۾ خطي جي امن ۽ استحڪام کي سخت خطرا لاحق ٿي ويا آھن. ھن چيو تھ پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي امن جي بحالي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ اھڙن واقعن سان سڄي خطي جو سياسي ماحول خراب ٿي سگھي ٿو.

پرڏيھي آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قرارداد جي پاسداري ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو. ترجمان جو چوڻ ھو تھ تڪرارن جو حل جنگ يا ھٿيارن جي ذريعي نٿو نڪري سگھي، پر ان لاءِ ڳالھ ٻولھ ۽ سفارتي رستن کي اختيار ڪرڻ انتھائي ضروري آھي تھ جيئن معصوم شھرين جي جانين جو تحفظ يقيني بڻائي سگھجي.

عاصم افتخار وڌيڪ چيو تھ پاڪستاني حڪومت ھميشھ علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي حامي رھي آھي. ھن عالمي برادري تي زور ڏنو تھ ھو فوري طور تي نوٽيس وٺن ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙين، جنھن سان بين الاقوامي سامونڊي رستن ۽ تجارتي ٻيڙين جي اچ وڃ کي بھ محفوظ بڻائي سگھجي.