لاھور: پنجاب جي مختلف شھرن ۾ نانگن جي ڏنگڻ (ڪکجڻ) جا ھڪ ھزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آھن، جنھن سبب عوام ۾ سخت خوف ۽ ڏھڪاءُ پيدا ٿي ويو آھي. صحت کاتي جي انگن اکرن موجب، اونھاري جي موسم شروع ٿيندي ئي زمين اندر رھندڙ زھريلا جيت ۽ نانگ ٻاھر نڪري پيا آھن، جن جي ڪري شھري ۽ ٻھراڙيءَ جا ماڻھو سخت متاثر ٿي رھيا آھن.
صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آھي تھ اڪثر واقعا زمين ۾ ڪم ڪندڙ ھارين ۽ ٻھراڙيءَ جي رھواسين سان پيش آيا آھن. اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي فوري طور تي ‘اينٽي وِنم’ (سرپ زھري جي خلاف انجيڪشن) فراھم ڪيون پيون وڃي، جڏھن تھ ھنگامي بنيادن تي سڀني ضلعي ۽ تعلقي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن کي الرٽ رکيو ويو آھي تھ جيئن وقت سر متاثرين جو علاج ممڪن ٿي سگھي.
ماھرن جو چوڻ آھي تھ برساتن ۽ گرميءَ جي شدت ۾ واڌ سبب نانگ پنھنجن ٻوڙن مان نڪري آبادي وارن علائقن ۾ اچي رھيا آھن. شھرين کي ھدايت ڪئي وئي آھي تھ اھي رات جو ھلڻ وقت روشني جو بندوبست رکن، گاھ وارن علائقن ۾ محتاط رھن ۽ گھرن جي چوڌاري صفائي جو خاص رکن تھ جيئن اھڙن واقعن کان بچي سگھجي.
