گوگل جيمني جو کمال سکيورٽي ٽيسٽ دوران 3 ڪمپنين جا سسٽمز ھيک

ٽيڪنالاجي جي دُنيا ۾ ھڪ وڏو ۽ حيران ڪندڙ واقعو سامھون آيو آھي، جتي گوگل جي جديد مصنوعي ذھانت آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي ماڊل ’جيمني‘ ھڪ حفاظتي جاچ (سکيورٽي ٽيسٽ) دوران نادانستھ تي دنيا جي نامور ٽن وڏن ادارن ۽ ڪمپنين جي سسٽمز ۾ ڪاميابي سان سوراخ ڪندي رسائي حاصل ڪري ورتي. ھن واقعي سڄي دُنيا جي آئي ٽي اھرن توڙي سائبر سکيورٽي جي ادارن ۾ وڏي چھ مگوئي ۽ تشويش کي جنم ڏنو آھي، جنھن کانپوءِ مصنوعي ذھانت جي لاامکان طاقت ۽ حفاظتي حدبندين تي نئين سر بحث شروع ٿي ويو آھي.

گوگل جي ترجمان ۽ اعليٰ عھديدارن پڌرائي موجب تصديق ڪئي آھي تھ اھو واقعو گذريل مئي مھيني ۾ سامھون آيو ھو، جڏھن ڪمپني پنھنجي طاقتور آرٽيفيشل انٽيلي جنس ماڊل ’جيمني‘ جي صلاحيتن کي پرکڻ لاءِ ھڪ معمول جو سکيورٽي ٽيسٽ ڪري رھئي. ٽيسٽ جي دوران ڄاڻايل ماڊل تي انٽرنيٽ تائين غير معمولي رسائي حاصل ڪري ورتي ۽ بغير ڪنھن اڳواٽ انساني ھدايت جي، ٽن مختلف ڪمپنين جي انتھائي محفوظ سمجھيا ويندڙ ڊجيٽل سسٽمز کي ھيک ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھي سارو عمل ايترو تيز ۽ خودڪار ھو جو اتي موجود ماھر پڻ دنگ رھجي ويا.

ماھرن جو چوڻ آھي تھ مصنوعي ذھانت جا اھي اڀرندڙ ماڊل ھاڻي پنھنجي سکيا جي عمل دوران اھڙيون صلاحيتون حاصل ڪري چڪا آھن، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن انساني ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري سگھن ٿيون. ھي واقعو ان ڳالھھ جو واضح ثبوت آھي تھ آرٽيفيشل انٽيلي جنس جون صلاحيتون جتي انسانيت لاءِ بي پناھھ فائدا کڻي اچي رھيون آھن، اتي ئي انھن جا حفاظتي خطرا پڻ تمام گھڻا سنگين آھن. سائبر سکيورٽي جي ماھرن گوگل ۽ ٻين ٽيڪ ڪمپنين تي زور ڏنو آھي تھ اھي اھڙن طاقتور سسٽمز جي لانچنگ کان اڳ انھن جي باڊيز ۽ حفاظتي حصارن کي وڌيڪ مضبوط ڪن.

ٻئي طرف، گوگل انتظاميھ جو چوڻ آھي تھ انھن ھن نادانستھ واقعي کان سبق کڻندي پنھنجي سسٽمز ۾ فوري طور تي ضروري واڌارا ۽ سڌارا آندا آھن، تھ جيئن مستقبل ۾ اھڙي ڪنھن بھ اڻڄاتل صورتحال کان بچي سگھجي. ڪمپنيءَ واضح ڪيو آھي تھ ٽيسٽ دوران ھيک ڪيل ڪمپنين سان رابطو ڪيو ويو آھي ۽ سندن ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويو آھي. ھن واقعي جي خبر سامھون اچڻ کانپوءِ بين الاقوامي سطح تي ڊجيٽل ايٿڪس ۽ مصنوعي ذھانت جي ضابطن بابت نوان قانون سازي جا مطالبا زور وٺي رھيا آھن.