اسلام آبادپاڪستان جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان ۽ عالمي معاملن جي ماھرن واضح ڪيو آھي تھ باب المندب جي علائقي ۾ واپاري جھازن ۽ اتان جي عملي مٿان ٿيندڙ حملا عالمي معيشت، امن ۽ سامونڊي ترددد جي حوالي سان سخت خطري جي علامت آھن. انھن حملن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي جيئن عالمي سپلائي چين متاثر نھ ٿئي ۽ بين الاقوامي واپار جو تسلسل بحال رھي سگھي. حڪومتي ذريعن موجب، پاڪستان عالمي قانونن ۽ سامونڊي رستي جي آزادي جو پڪو حامي آھي ۽ دنيا جي سڀني ملڪن تي زور ڏئي ٿو تھ اھي ھن نازڪ صورتحال جو نوٽيس وٺن پرڏيھي آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، باب المندب ۽ بحر الاحمر جي اھم سامونڊي پٽي تان گذرندڙ مالبردار جھازن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گھرجي. عالمي برادري کي گڏجي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي تھ جيئن جھازن تي ٿيندڙ حملن جو سدباب ٿي سگھي ۽ عملي جي جاني توڙي مالي سلامتي محفوظ رھي. پاڪستان جو مؤقف آھي تھ ھٿياربند گروھن پاران جھازن کي نشانو بڻائڻ سان نھ رڳو علائقائي امن خراب ٿئي ٿو پر پوري دنيا ۾ کاڌ خوراڪ ۽ تيل جي اگھن تي پڻ منفي اثر پوي ٿو.
ماھرن جو چوڻ آھي تھ ھن خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب سامونڊي واپار جو وقت ۽ خرچ ٻھراڙي وڌي ويو آھي، جنھن جو سڌو سنئون اثر عام واھپيندڙن تي پئجي رھيو آھي. عالمي ادارن ۽ سامونڊي قوتن کي گھرجي تھ اھي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي باب المندب ۾ پائيدار امن قائم ڪن ۽ غيرقانوني ڪارروائ خلاف سخت قدم کڻن. پاڪستان ھميشھ امن جي پيغام کي اڳيان رکيو آھي ۽ ھو ھر ان ڪوشش جي حمايت ڪري ٿو جيڪا عالمي امن ۽ واپاري سھولتن جي بھتري لاءِ ڪئي وڃي.
