اسلام آباد:مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير طلال چوڌري چيو آھي تھ حڪومت تحريڪ انصاف سان ڪنھن بھ قسم جي زيادتي نٿي چاھي، پر ملڪ ۾ قانون جي بالاتري ھر حالت ۾ يقيني بڻائي ويندي. ھن چيو تھ اسان پي ٽي آءِ کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ چاھيون ٿا ۽ ڪنھن سان بھ انتقامي ڪارروائي جو ڪو ارادو نٿا رکون ، پر ملڪي سلامتي ۽ آئين سان راند کي ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نھ ڪيو ويندو.
ھڪ بيان ۾ طلال چوڌري جو چوڻ ھو تھ سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ ترقي جي راھ تي گامزن نٿو ٿي سگھي، تنھن ڪري اپوزيشن کي گھرجي تھ اھي احتجاج جي سياست کي پاسي تي رکي پارليامينٽ اندر عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. ھن زور ڏنو تھ ملڪ کي اقتصادي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني سياسي قوتن کي ھڪ پيج تي اچڻ گھرجي، پر بدقسمتي سان پي ٽي آءِ اڃا تائين منفي سياست مان ٻاھر نڪري نھ سگھي آھي.
ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو تھ حڪومت پنھنجي آئيني مدت پوري ڪندي ۽ ملڪ اندر معاشي سڌارن جو عمل بلا تعطل جاري رھندو. ھن چيو تھ عوام ھاڻي باشعور ٿي چڪو آھي ۽ ھو ملڪ ۾ انتشار ورھائيندڙن جي چڪر ۾ نھ ايندو. طلال چوڌري واضح ڪيو تھ قانون سڀني لاءِ برابر آھي ۽ جيڪو بھ قانون ھٿ ۾ وٺندو، ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي
