سکر:
سيبا ٽيسٽنگ سروسز (ايس ٽي ايس) پاران ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ تازو ئي ورتل ايم ڊي ڪيٽ (MDCAT 2026) امتحان جون سرڪاري اينسر ڪيز (Answer Keys) پنھنجي سرڪاري ويب سائيٽ تي باضابطھ طور جاري ڪيون ويون آھن، ايس ٽي ايس انتظاميا پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ امتحان جو اھو سلسلو انتھائي شفاف، منصفاڻي ۽ امن امان جي بھترين فضائن ۾ مڪمل ڪيو ويو آھي، جنھن لاءِ سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين حصن ۾ جامع انتظام ڪيا ويا ھئا.
ايس ٽي ايس جي ترجمان تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو آھي تھ آچر، 20 سيپٽمبر 2026 تي سنڌ جي اھم شھرن جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، شھيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻو، سکر سان گڏوگڏ وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد سميت مجموعي طور تي 9 امتحاني مرڪزن تي ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان تمامتر ضابطن ۽ شفاف انداز ۾ ورتو ويو. ترجمان جو چوڻ ھو تھ ھن سال امتحان ۾ شرڪت ڪندڙ (شاگردن) جو انگ وڏو ھو، جنھن ڪري سمورن مرڪزن تي نقل روڪڻ ۽ اميدوارن کي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ خاص ٽيمون مقرر ڪيون ويون ھيون، جنھن جي نتيجي ۾ سڄي عمل کي ڪاميابيءَ مڪمل ڪيو ويو.
ترجمان وڌيڪ وضاحت ڪندي ٻڌايو تج ٽيسٽ پيپرز جي سمورن ورژنز (A, B, C ۽ D) جون اينسر ڪيز ايس ٽي ايس جي (سرڪاري) ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيون ويون آھن، جتان اميدوار آساني سان پنھنجا جواب چيڪ ڪري سگھن ٿا. ان حوالي سان امتحان ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن کي سختيءَ سان ھدايت ڪئي وئي آھي تھ ھو پنھنجي وٽ موجود ڪاربان ڪاپي تي ڏنل پنھنجن جوابن کي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل ڪيز سان ڀيٽائي پنھنجي نمبرن جو اندازو لڳائي سگھن ٿا، جڏھن تھ ڪنھن بھ قسم جي مونجھاري جي صورت ۾ اميدوار ايس ٽي ايس جي ھيلپ لائين سان پڻ رابطو ڪري سگھن ٿا.
