پورھيت طبقي جا بنيادي حق ۽ سڃاڻپ فائلن ۾ قيد

حيدرآباد اسان جي سماج ۾ بظاھر ھر فرد جي سڃاڻپ ھڪ پورھيت طور ڪئي وڃي ٿي، پر حقيقت ۾ ھن طبقي جا بنيادي حق اڃا تائين سرڪاري فائيلن ۽ بيوروڪريسي جي ور چڙھيل آھن. اسان ان وسيع طبقي سان تعلق رکون ٿا، جنھن ۾ مختلف قبيلا، ذاتيون، قومون، ٻوليون ۽ علائقا الڳ الڳ ھجڻ جي باوجود ھڪ ئي سِلڪي ۾ پوھيل آھن، ۽ اھو گڏيندڙ رشتو پورھيت ھجڻ جو آھي. پورھيت پنھنجي ھنر، محنت ۽ پورھئي جي ساھي سان نھ رڳو پنھنجي پيارن جو پيٽ پاليندو آھي، پر پوري دنيا کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي اڳتي وڌائيندو رھيو آھي، جنھن جيترو بھ ساراھھ ڪجي اھا گھٽ آھي.

تاريخ کڻندي ڏسجي تھ دنيا جو ڪوبھ اھڙو خطو يا قوم ناھي جنھن پورھيت جي پگھر کان سواءِ ترقي ڪئي ھجي، پر اھو الميو ھميشھ رھيو آھي تھ محنت ڪندڙ ھٿ ھميشھ خالي رھيا آھن. ملڪ اندر مزدورن ۽ پورھيتن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪيترائي قانون ڪاغذن تائين محدود آھن، جن تي زميني سطح تي ڪابھ عملدرآمد نھ پيو ٿئي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ عام پورھيت اڄ بھ پنھنجي بنيادي حقن، صحت جون سھولتون، ٻارن جي تعليم ۽ باعزت روزگار لاءِ در در جون ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آھن. فائيلن ۾ بند ڪيل پاليسيون ۽ رٿائون صرف دعوائن تائين محدود آھن، جن جو عملي فائدو ڪڏھن بھ زميني سطح تي مزدور تائين نٿو پھچي.

مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ سرگرم سماجي اڳواڻن ۽ مزدور يونينز پاران بارھا اھو مطالبو ڪيو ويو آھي تھ حڪومت کي پورھيت طبقو کي نظرانداز ڪرڻ واري رويي کي تئاگ ڏيڻ گھرجي. پڌرائي موجب جيڪڏھن وقتسر مزدورن جي مسئلن جو حل نھ ڪيو ويو تھ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگھي ٿي. وقت جي اھم ضرورت اھا آھي تھ سرڪاري سطح تي مزدورن جي رجسٽريشن جي عمل کي شفاف بڻايو وڃي، ۽ ھر پورھيت کي سماجي تحفظ جي فراغي کي يقيني بڻايو وڃي تھ جيئن ھو پنھنجي خاندان سان گڏ باعزت زندگي گذاري سگھي.