لاھورقومي ڪرکٽ ٽيم جي آسٽريليا سان تعلق رکندڙ بولنگ ڪوچ ايشلي نوفکي پاڪستان ڪرکٽ بورڊ (پي سي بي) سان راھا جدا ڪرڻ جو سخت ۽ اھم فيصلو ڪري ورتو آھي. خبردار ذريعن موجب، ايشلي نوفکي ھاڻي پنھنجون خدمتون اڳتي جاري رکڻ جو خواھشمند نھ آھي ۽ ان پنھنجي استعيفيٰ جي حوالي سان پي سي بي انتظاميا کي باضابطھ طور تي آگاھھ ڪري ڇڏيو آھي، جنھن کانپوءِ ڪرکٽ حلقن ۾ نئين بحث جو آغاز ٿي چڪو آھي
ذريعن جو چوڻ آھي تھ ايشلي نوفکي ذاتي مصروفيات ۽ ٻين ذاتي سببن جي بنياد تي پنھنجو معاھدو اڳتي نھ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. پي سي بي اختيارين کيس پنھنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ھو، پر ھو پنھنجي موقف تي قائم رھيو. ياد رھي تھ ايشلي نوفکي قومي ٽيم جي بولنگ لائن اپ کي بھتر ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ھو ۽ ھن جي اڳواڻي ۾ فاسٽ بالرز فٽنيس ۽ پرفارمنس تي تمام گھڻو ڪم ڪيو ھو، جنھن جي ڪري کيس وڏي موٽ ملي ھئي.
ٻئي طرف پاڪستان ڪرکٽ بولرپي سي بي جي اعليٰ اختيارين پاران اڃا تائين بولنگ ڪوچ جي استعيفيٰ جي باضابطھ تصديق يا ترديد سامھون نھ آئي آھي، پر اندروني ذريعن جو چوڻ آھي تھ بورڊ اڳ ۾ ئي متبادل نالن تي غور شروع ڪري چڪو آھي. آءِ سي سي ٽورنامينٽس ۽ ايندڙ اھم انٽرنيشنل سيريز کي نظر ۾ رکدي پي سي بي جلد ئي ڪنھن نئين پرڏيھي يا مقامي ڪوچ جي مقرري جو اعلان ڪري سگھي ٿو تھ جيئن ٽيم جي تياريون متاثر نھ ٿين.
