ايران جي پاسدارانِ انقلاب پنھنجي فوجي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ نون ھٿيارن جي موجودگي بابت اھم بيان ڏنو آھي. ترجمان بريگيڊيئر جنرل حسين محبي موجب، ايران جون عسڪري صلاحيتون ماضي جي ڀيٽ ۾ ڏيڍ ڀيرا وڌي چڪيون آھن ھن چيو تھ جيڪڏھن جنگ جي شدت ۾ اضافو ٿيو تھ پاسدارانِ انقلاب وٽ اھڙا نوان ھٿيار موجود آھن، جيڪي مخالفن لاءِ حيران ڪندڙ ثابت ٿي سگھن ٿا.جنرل حسين محبي موجب، ايران جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ ملڪ جي اھم ترجيحن مان ھڪ آھي. ھن چيو تھ فوجي طاقت ۾ اضافو ملڪ جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪنھن بھ امڪاني حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ ضروري آھي.پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان دعويٰ ڪئي تھ ايران جي دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آھي ۽ ان ۾ نوان ھٿيار شامل ڪيا ويا آھن، جيڪي ضرورت پوڻ تي استعمال ڪري سگھجن ٿا.ھن وڌيڪ چيو تھ ايران ڪنھن بھ امڪاني جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ پنھنجي فوجي صلاحيتن کي تيار رکي ٿو.ايران جي فوجي صلاحيتن بابت ھن بيان کانپوءِ خطي جي سلامتي واري صورتحال تي ڌيان وڌي ويو آھي. ايران پنھنجي دفاعي طاقت ۾ واڌ کي ملڪ جي سلامتي لاءِ اھم قرار ڏئي رھيو آھي.
