پي ٽي آءِ باني عمران خان اعتراف ڪيو اهي ته 22 آگسٽ جو جلسو اسٽيبلشمينٽ جي درخواست تي ملتوي ڪيو.اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چيو ته 22 آگسٽ جو جلسو اسٽيبلشمينٽ جي درخواست تي ملتوي ڪيو.هن ٻڌايو ته اعظم سواتي صبح 7 وڳي مون وٽ آيو ۽ چيو ته اسٽيبلشمينٽ اماڻيو آهي ۽ درخواست ڪئي آهي ته ملڪ جي ڪري جلسو ملتوي ڪريو، اعظم سواتي پيغام ڏنو هو ته هڪ طرف ڪرڪيٽ ميچ، ٻئي طرف مذهبي پارٽين جو اسلام آباد ۾ احتجاج آهي. ملڪ ۾ انتشار پکڙجي سگهي ٿو.عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ ضمانت ڏني هئي ته 8 سيپٽمبر جي جلسي ۾ مڪمل سهولت ڏينداسين انهي پيغام ۽ پاڪستان جي خاطر 22 آگسٽ جو جلسو ملتوي ڪيو.هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪيسن مان رليف وٺڻو هوندو ته ملڪ کان ڀڄي وڃان ها، مون کي اهوئي چيو ويو هو ته 3 سال خاموش رهو ڪجهه نه ٿيندو، ڪيس ختم ڪري ڇڏينداسين، نيب ترميم بحالي هاڻ قانون بڻجي چڪو آهي انهي جي تحت عدالت مان رليف گهريو آهي، اهو قانوني معاملو آهي.عمران خان وڌيڪ چيو ته قاضي فائز عيسيٰ کي ٻيهر مڙهيو ويو ته ملڪي تاريخ جي سخت احتجاج تحريڪ شروع ڪنداسين، قاضي فائز عيسيٰ ملڪي تاريخ جو هڪ جانبدار ترين جج آهي.