اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي حوالي سان ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪ اهم آهن. وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مليل جليل رپورٽون اچي رهيون آهن ته ڀارت پاڪستان جي خلاف فوجي ڪارروائي جو ارادو رکي ٿو. ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي اڳرائي تي فيصلو ڪندڙ ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان سموري دنيا ۾ ڪنهن به شڪل ۾ دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿو، پاڪ ڀارت جو خطي ۾ مدعي، منصف ۽ جلاد جو خود ساخته ڪردار سختي سان رد ڪري ٿو. ڀارت جا قدم خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏيندا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت کي شفاف، آزادانه ۽ غير جانبدارانه جاچ جي آڇ ڪئي آهي، جنگ سان ٿيل نقصانن جي ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿيندي، ڀارت جي ڪنهن به قسم جي ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. عطاءُالله تارڙ چيو ته پهلگام واقعي کي بنياد بنائي پاڪستان تي حملي جي ڪوشش جو نتيجو بهتر نه هوندو.