300 کان وڌيڪ وڪيلن ججز کان نئين عدالت جو حصو نه بنجڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

300 کان وڌيڪ وڪيلن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججز کان ڪنهن به نئين عدالت جو حصو نه بنجڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته نئين جوڙيل عدالت جي حيثيت پي سي او ڪورٽ جهڙي هوندي.رپورٽ موجب 300 کان وڌيڪ وڪيلن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز کي کليل خط لکي ڇڏيو آهي ۽ انهن کان اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به  نئين عدالت جو حصو نه بڻجو.خط ۾ لکيو ويو آهي ته  نئين عدالت جي حيثيت پي سي او ڪورٽ جهڙي هوندي. نئين عدالت جو جج بنجندڙ پي سي او ججز مختلف نه هوندا. خط ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل ترميم جو ڊرافٽ رات جي  اونداهي ۾ سامهون آيو، نمبرز پورا ڪرڻ ڪرڻ وارا نمائنڊا ڊرافٽ کان به ناواقف هئا.وڪيلن طرفان چيو ويو ته گڏيل آئيني ترميم کي اسان جي حمايت حاصل نه آهي، گڏيل آئيني ترميم تي ملڪ ۾ موثر بحث به ناهي ڪرائي وئي، صرف چيو پيو وڃي ته چارٽرڊ آف ڊيموڪريسي ۾ آئيني عدالت جو ذڪر آهي.خط ۾ وڪيلن ججز کي ياد ڏياريندي چيو آهي ته اوهان ججز آئين جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، ججز وٽ  هاڻ موقعو آهي ته هو  پنهنجي چونڊ ڪن، سڀاڻي جڏهن تاريخ لکي ويندي ته انهي ۾ شامل ڪيو ويندو ته اوهان مليل نه هو.ياد رهي ته ڪجهه هفتا اڳ آئيني پيڪيج تي اتفاق راءِ نه ٿيڻ کان پوءِ حڪومت ان کي ٻيهر جلد ئي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ ان کي اميد آهي ته پيڪيج جي منظوري لاءِ گهربل حمايت حاصل ڪري ورتي آهي.