رانوتي: ايم فائيو موٽر وي وٽ ڪار ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي، هڪ فوت، هڪ زخمي

رانوتي ڀرسان ايم فائيو موٽروي لوڪيشن 475 وٽ ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سڙي فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي. رانوتي ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب ڪار کي باھ وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ باھ لڳڻ سبب  هڪ ڄڻو عبدالشڪور سڙي فوت، جڏھن ته هڪ ڄڻو زوهيب زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع تي موٽروي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار لاهو کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته  حادثو پيش آيو آهي.