ڪنڌڪوٽ ڀرسان دراني مھر ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ عرض محمد چاچڙ ۾ جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔ ڪجھ دير پھرين جاگيراڻي برادري جي مبينا ھٿياربندن جو چاچڙن جي گھرن تي حملو۔ ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪارڙا چاچڙ پاڙي جو ھڪ نوجوان ٽيھن سالن جو ظفر چاچڙ مارجي ويو۔ واقعي جو ڪارڻ جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادرين ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار آھي/ پوليس ذريعا۔ ھٿياربند فائرنگ ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔ حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي۔ فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون۔ ياد رھي ته ڪجھ مھينا اڳ ان تڪرار ۾ چاچڙ برادري جي مبينه ھٿياربندن ڳوٺ ۾ سئودو وٺڻ لا۽ آيل ٻھ جاگيراڻي برادري جا نوجوان فائيرنگ ڪري قتل ڪيا ھئا جنھن جي پلاند ۾ ھي واقعو پيش آيو آھي