سکر: مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي صدر خورشيد ميراڻي چيو آهي ته ڪراچي سانحه 12 مئي کي 13 سال گذري ويا آهن پر واقعي جي متاثرين کي اڄ ڏينهن تائين انصاف ناهي ملي سگهيو، انصاف ۾ دير ٿيڻ به انصاف جو قتل آهي، خورشيد ميراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته 12 مئي 2007 تي وڪيلن تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي جسٽس افتخار محمد چوڌري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي ڪراچي اچي پيو ان موقعي تي شهر کي رت ۾ وينجهايو ويو، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته معزيز چيف جسٽس جي ڪراچي اچڻ تي اپوزيشن جماعتن جا ڪارڪن پڻ استقبال ڪرڻ لاءِ نڪتا پر ڪيترن ئي هنڌن تي ڪارڪنن سان هٿياربندن جو تڪرار شروع ٿيو جنهن ۾ هٿيارن جو آزاداڻو استعمال ٿيڻ سبب ڏسندي ئي ڏسندي شهر ۾ 48 کان وڌيڪ ماڻهون شهر جي وچ روڊ رستن تي قتل ٿي ويا، جنهن تي گهري ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 12 مئي سانحي جي حوالي سان ن ليگ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد (ڪارو ڏينهن) تقريب سان خطاب ڪرڻ دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سانحو 12 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن جو جنهن وڪيل برادري (بليڪ ڏي) ڪاري ڏينهن جي طور تي ملهائيندي آهي ۽ ان جو ذمه دار حڪومت سنڌ ۽ تمام ادارا هئا جن جو ڪم شهر ۾ امن ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جو اسان وڪيل برادري جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون آخر ۾ 12 مئي سانحي تي فوت ٿي ويلن جي لاءِ دعا ڪئي وئي.