شاگرد 48 ورهين جي ماسترياڻي کي دل ڏئي ويٺو

ڪوالالمپور: ملائيشيا ۾ 22 ورهين جي نوجوان پنهنجي 48 ورهين جي اڳوڻي ماسترياڻي سان شادي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب محمد دانيال نالي نوجوان جو چوڻ هو ته هن ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هو پنهنجي ٽيچر جميلا محمد سان شادي ڪندو، جنهن کيس اسڪول ۾ پڙهايو هو.دنيال موجب منهنجي جميلا سان پهريون ملاقات 2016ع ۾ ٿي هئي جڏهن آئون هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهندو هيس، هوءَ منهنجي ملائي ٻولي جي ٽيچر هئي، ان وقت منهنجو هن سان رڳو شاگرد ۽ استاد جو رشتو هو.نوجوان ٻڌايو ته جيئن ئي آئون ٻئي ڪلاس ۾ ويس ته هن سان رابطو ختم ٿي ويو هو رڳو اسڪول ۾ پري کان نظر ايندي هئي.دانيا جو چوڻ هو ته پنهنجي 17 هين سالگرهه تائين مون کي اهو احساس نه ٿيو هو ته منهنجي دل ۾ جميلا ٽيچر لاءِ پيار ڀريا احساس آهن پر جڏهن منهنجي سالگرهه تي ٽيچر مبارڪن جو پيغام موڪليو ته ان وقت هن جي منهنجي دل ۾ جاءِ بڻي ۽ اسان جو رابطو بحال ٿيو.نوجوان موجب هڪ ڏينهن آئون ٽيچر سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو پر هن پنهنجي عهدي کي بنيادي سبب ٻڌائيندي انڪار ڪري ڇڏيو هو پر آئون هار نه مڃي ۽ هن سان رابطو ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا ڳوليا، آئون واٽس ايپ تي به ميسيج ڪندو رهيس جيستائين هن منهنجي پيغامن جو جواب نه ڏنو.دانيال چيو ته هڪ ڏينهن قسمت مون کي جميلا جي گھر وٺي وئي جيتوڻيڪ هن پوءِ به مون سان رشتو رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر آئون پوءِ به ڪوشش ڪندو رهيس ۽ کيس رشتي لاءِ قائل ڪندو رهيس جيستائين هن شادي لاءِ ها نه ڪئي.نوجوان موجب اسان 2019ع ۾ شادي جو فيصلو ڪيو هو پر ڪورونا وبا سبب ان کي 2021ع تائين ملتوي ڪرڻو پيو.دنيال موجب ٻه ورهيه اڳ ٻنهي جي نڪاح جي ننڍي تقريب مسجد ۾ ٿي هئي ۽ هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا.26 سالن جي عمر جي فرق باوجود محمد دانيال چيو ته عمر سان ڪو به فرق نٿو پوي، پر آئون ايتري ننڍي عمر ۾ پارٽنر ملڻ تي شڪرگذار آهيان.نوجوان چيو ته آئون هڪ مڙس جي طور تي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهيان مون لاءِ گھڻو ڪجهه اڃا به سکڻ لاءِ آهي، پر آئون خوش قسمت آهيان جو مون کي هڪ اهڙي زال ملي آهي جيڪا هر طرح سان منهنجي مدد ڪري رهي آهي ۽ مون کي مشورا ڏئي رهي آهي.