سکر:سيپڪو انتظاميا جي لاپرواهي، 11 هزار وولٽيج بجلي جو پول روڊ تي ڪرڻ باوجود مرمت نه ٿي سگهيي، شهرين کي گزرڻ ۾ پريشاني، جاني نقصان جو خدشو، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.تفصيل موجب سکر اليڪٽرڪ پاور سپلائي ڪمپني سيپڪو جي مجرمانه غفلت ۽ لاپرواهي ۔عوام جي شڪايتن باوجود سکر جي علائقي گڏاڻي پاڙي ۾ پي ٽي سي ايل هيڊ آفيس جي سامهون بيٺل 11 هزار هاءِ وولٽيج تارن جو ڪريل پول گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان مرمت نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب اتان گزرندڙ ماڻهن ۽ ٽريفڪ کي ڏکيائيون پيش اچن پيون۔ هوڏانهن مقامي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت پول جي چوڌاري سرون لڳائي مسافر گاڏين ۽ راهگيرن کي خطري کان بچائڻ لاء ڪم ڪيو آھي۔ان ڏس ۾ رهواسين جو چوڻ آھي ته سيپڪو انتظاميه ۽ لاڳاپيل سب ڊويزن جي عملدارن کي شڪايت ڪئي پر ان باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو. ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪريل پول جي مرمت نه ٿي آهي، جنهن ڪري علائقي جي رهواسين سميت شهرين کي آمد و رفت ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچن پيون.رهواسين لاڳاپيل انتظاميان کان انساني جانين کي بچائڻ جو مطالبو ڪيوآهي.