ڪنڌ ڪوٽ لڳ ڳوٺ عبدالوحيد ڊومڪي جي رھواسين جو پيرسن عبدالرحيم گولو جي مبينا اغوا خلاف احتجاج ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙن حافظ عبدالحميد گولو محب گولو لکمير گولو زاھد حسين گولو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانھيو ته اسان جو پيرسن عبدالرحيم گولو گذريل خميس ڏھاڙي گھر کان ڪنڌ ڪوٽ شھر علاج لاء نڪتو جيڪو واپس نه وريو ھنن چيو ته اسان پنھنجي مٽ مائٽن عزيز قريب وٽ ڳولا ڪيوسين پر ڪٿي به ھن جو ڏس پتو نه مليو اسان کي شڪ آھي ته اسان جي پيرسن کي اغوا ڪيو ويو آھي ڇو جو اڳ ۾ اسان جا ماڻھون وقتن بوقت اغوا ٿي ويا آھن جنھن جي بازيابي سخت احتجاج بعد ۾ عمل ۾ آئي آھي ھنن چيو ته اسين مسڪين پورھيت آھيون پيرسن جي گمشدگي بعد گھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي اسين ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ سميت وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا تھ پيرسن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي