ڪنڌ ڪوٽ: لڳ ڳوٺ محمد افضل گولو ۾ گذريل رات تيز ھوا سبب گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنھن سبب چار گھر سڙي رک ٿي ويا

ڪنڌ ڪوٽ: لڳ ڳوٺ محمد افضل گولو ۾ گذريل رات تيز ھوا سبب گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنھن سبب چار گھر سڙي رک ٿي ويا ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جمال الدين نھال الدين غلام نبي گولو زاھد گولو صدر الدين گولو ۽ ٻين واھر لاء احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات طوفان سبب اوچتو چڻنگ اٿڻ سبب گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنھن سبب گھرن ۾ رکيل سوين مڻ ڪڻڪ اٺ لک روڪ ست تولا سون ھڪ سئو ويھ تولا چاندي ٻڪريون ڪڪڙيون ۽ نياڻين جو رکيل ڏاج به سڙي خاڪ ٿي ويو ڳوٺاڻن ٻڌايو ته تيز ھوا سبب باھ تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ھو ۽ انتظاميا طرفان به ڪو تدارڪ نه ٿيو جيڪڏھن وقت سر فائر برگيڊ پھچي ھا تھ ايترو نقصان نه ٿئي ھا ڳوٺاڻن ٻڌايو ته باھ سبب گھر ۾ رکيل زمين جا کاتا ٽريڪٽرن جا اصل ڪاغذ ۽ موٽر سائيڪلون به سڙي ويون ان کان سواء گھر ۾ رکيل قيمتي سامان سڙي ويو جنھن سبب معصوم ٻار کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن ڳوٺاڻن اعلي اختيارين سميت ڊي سي ڪنڌ ڪوٽ کي اپيل ڪئي ته باھ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي جيئن اسان نئين سر زندگي آساني سان گذاري سگھون