ھڪ ھفتو اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي علائقي چمني شاخ ڀرسان مڇي فارم تان ڇھ اڻ سڃاڻل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل مڇي فارم جا چوڪيدار ڳوٺ صيفل ميراڻي جا رھواسي فيصل ۔ علي جان ميراڻي ۽ عرفان ميراڻي کي دراني مھر جي ڪچي واري علائقي مان ڪشمور پوليس پاران مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي ويئي آھي۔ ڪشمور پوليس دعوا ڪئي آھي ته مبينه مقابلي بعد دراني مھر جي پوليس ۽ اسپيشل ٽيم ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي مغوين کي بازياب ڪرايو آھي۔ ٻئي پاسي وارثن جي ذريعن ٻڌايو ته ڪالھ مغوين جا مائٽ دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ مبينه ڏوھارين ڏي پاڪ ڪتاب گھمائي ايلاز ڪرڻ تي کين ڇڏي ڏنو آھي۔ جڏھن ته آزاد ذريعن مغوي راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ٿيا آھن۔ علائقي ۾ چئو ٻول آھي ته مغوي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ڊيل تحت واپس ٿيا آھن۔ واضع رھي ته ضلعي ڪشمور جي مختلف علائقن مان ويھ کان وڌيڪ مغوي ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آھن جن لا۽ پوليس ڪوبه موثر آپريشن نه ڪري سگھي آھي۔