سکر: ميھڙ واسي جوڙو ڪارنھن الزام ھيٺ تحفظ لاءِ سکر جي عدالت پھچي ويو، عدالت ميھڙ پوليس ۽ ناريءَ جي وارثن ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي24 مئي تي طلب ڪري ورتو. سکر جي وڪيل گل فيروز ڪلوڙ مطابق دادو ضلعي جي ميھڙ جي رھواسي نوجوان عبدالحميد ڀنڊ ۽ ڪوثر لاشاري جسٽس آف پيس سکر وٽ پسند جو پرڻو ڪيو آھي، جنھن بعد جوڙي طرفان ڪارنھن الزام ھيٺ قتل جون ڌمڪيون ملڻ تي سيشن ڪورٽ سکر ۾ تحفظ واري پيشن داخل ڪرائي آھي، جنھن ۾ ناريءَ جي وارثن شبير لاشاري، آصف لاشاري، ڪليم لاشاري ۽ شمس لاشاريءَ، ٿرڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٻين کي ڌر ڄاڻايو ويو. عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ڌر ڄاڻايلن ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي 24 مئي تي طلب ڪري ورتو آھي. وڪيل گل فيروز ڪلوڙ موجب ميھڙ جي ٿرڙي محبت ٿاڻي تي ناريءَ ڪوثر پروين جي اغوا جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري سندس مڙس توڙي عزيزن جي گھرن تي چڙھائي ڪري کين حراسان ڪري رھي آھي، بيگناھ گرفتاريون ڪري جوڙي کي پريشان ڪيو پيو وڃي، جوڙي کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي آھي تنھن ڪري ھو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي. جوڙي عدالت توڙي پوليس جي اختيارين کان نوٽيس وٺي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.