سکر: جي وڪيل ظفر شاهه جي گرفتاري ۽ گمشدگي خلاف داخل درخواست تي ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي

سکر:جي وڪيل ظفر شاهه جي گرفتاري ۽ گمشدگي خلاف داخل درخواست تي ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي سکر، ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن کي ھڪ ڪلاڪ ۾ طلب ڪري ورتو ففٿ ايڊيشنل سيشن جج ممتاز سولنگي جي عدالت ظفر شاهه جي گرفتاري ۽ گمشدگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ وڪيل ظفر علي شاهه جي ڀاءُ اشفاق شاهه پاران درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، جنھن تي ٻڌڻي ٿي عدالتي حڪم کان پوءِ وڪيل ظفر شاهه آزاد، عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايوففٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ايس ايس پي سکر کي ايس ايڇ او خلاف ڊيپارٽمينٽل ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وڌيڪ ايڊوڪيٽ ظفر شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پوليس بنا ٻڌائڻ ۽ بغير ڏوهه جي گرفتار ڪري گذريل رات کان مختلف هنڌن تي گھمائيندي رهي،ڪجهه گهڙيون اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي،