اوٻاوڙو , تفصيل موجب , گذريل ٻه ڏينهن اڳ زهريلي ڪچي شراب ٺرو واپرائڻ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي چار ٿي ويو گذريل ٻه ڏينهن اڳ چار ئي نوجوانن ڪچي شراب ٺرو واپرائڻ جي ڪري مسلسل بيهوش رهيا جن اڄ ٻه نوجوان راجا ماڇي ۽ سهيل ڪوري جيڪي بيهوش جن کي وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يارخان جي اسپتال ڏانهن کڻائي ويا هئا جتي هو علاج دوران زندگي جنگ هارائي ويا آهن جڏهن ته گذريل پهرين ڏينهن تي ئي ٻه ڄڻا ٺرو واپرائڻ سبب تنوير دايو ۽ قيصر ماڇي اڳ ئي فوت ٿي چڪا آهن هوڏانهن فوتي نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي جتي فوتي نوجوانن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اوٻاوڙو ٿاڻي تي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پوليس پاران چوڪ ماڙي ۾ ڇاپي دوران ڪچي شراب هٿ ڪئي هئي جيڪا پڪڙيل ڪچي شراب ٻه ڏينهن اڳ ٿاڻي تي پوليس اهلڪار رمضان ڪچي شراب اسانجي نوجوانن کي ڏني هئي جيڪا پئيڻ سان اسانجا نوجوان فوت ٿي ويا آهن انهن اپيل ڪئي ايس ايس پي گهوٽڪي کان ته اسانجي نوجوانن جو ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي وارث