غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش اوڳاھي جو رھواسي اٺن سالن جو معصوم نينگر عمران اوڳاھي بي ايس فيڊر/ بيگاري سنڌ فيڊر جي ڪپ تي راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو۔ نينگر جي دانھن تي آسپاس جي بيٺل ماڻهن ڏسندي ئي بي ايس فيڊر ۾ ٽپو ڏيئي نينگر جي ڳولھا ڪئي ۽ اڌ ڪلاڪ جي ڳولھا بعد نينگر کي ٻاهر ڪڍيو ته نينگر دم ڌڻي در حوالي ڪري چڪو هو ۔ ٻئي پاسي نينگر جي فوت ٿيڻ واري خبر پوڻ بعد سندن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته فوتي نينگر جي امڙ کي بيھوشي وارا دورا پئجي ويا ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو