اوٻاوڙو ۾ ٺل پوليس هٿان ڪوڙو مقابلو ڏيکاري شهيد ڪيل صدام حسین لاشاري جي قتل خلاف قومپرست تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو ويو

اوٻاوڙو ۾ ٺل پوليس هٿان ڪوڙو مقابلو ڏيکاري شهيد ڪيل صدام حسین لاشاري جي قتل خلاف قومپرست تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جسقم ۽ جسمم ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. ريلي اوٻاوڙو ڊگري ڪاليج کان ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف هنڌن تان گشت ڪري ڀٽائي چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج دوران ٺل پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي جسم مرڪزي اڳواڻ ڪمال مهر جسقم اڳواڻ ميرحسن لاشاري اصغر شيخ ايس يو پي اڳواڻ اڪرم ميتلو. شهري ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ اڪبر ڳنڀ. جسم اڳواڻ مجيد جوڻو عمران شر جسقم اڳواڻ بهادر لولائي مير همزه دايو ظمير شر. عمر ڀيو . ٻين چيو ته حق سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ ٺل پوليس صدام حسين لاشاري کي گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي هنن چيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل شهيد صدام حسین لاشاري مٿان ڪوڙا ڪيس ڏيکاريا آهن جنهن جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا. هنن آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته صدام حسين لاشاري جي قاتل ايس ايڇ او ٺل مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي