پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سينئر سياستدان جهانگير ترين جي نئين سياسي پارٽي لاءِ 2 نوان نالا سامهون اچي ويا آهن.
جهانگير ترين گروپ جي نئين سياسي پارٽي لاءِ عوام دوست پارٽي ۽ پاڪستان انصاف پارٽي جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي. پر في الحال ان حوالي سان حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي سينئر اڳواڻ جهانگير ترين 9 مئي جي واقعن کان پوءِ نئين پارٽي لاءِ سرگرم آهي. ان لاءِ پي ٽي آءِ ڇڏيندڙن سان به رابطا ڪيا پيا وڃن.جهانگير ترين پنجاب جي اڳوڻي سينئر وزير عبدالعليم خان سان به ملاقات ڪري چڪو آهي. ان حوالي سان ترين گروپ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال پارٽي جا ٻئي نالا حتمي نه آهن. مشاورت جاري آهي پارٽي ميمبرن سان مشورا ڪيا پيا وڃن. ٽيون نالو به سامهون اچي سگهي ٿو. گڏيل مشاورت کان پوءِ نالن جو حتمي اعلان ڪيو ويندو.