پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي دوران سون جي قيمت ۾ گھٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو.گڏيل طور تي ملڪ ۾ هڪ هفتي دورنا هڪ تولي سون جو اگھه 4 هزار 8 سئو رپيا گھٽجي ويو ۽ هفتي جي آخر ۾ قيمت 2 لک 31 هزار 400 رپين تائين پهتي.ڪاروباري هفتي جي شروعات تي سون جو في تولو اگهه 2 لک 36 هزار 200 رپيا هو پر 29 مئي تي سون جي في تولي جي قيمت ۾ 17 سئو رپيا گھٽتائي آئي ۽ ان وقت قيمت 2 لک 34 هزار 500 رپين تائين پهتي هئي.30 مئي تي به سون جي في تولي ۾ 1700 رپيا گھٽتائي ٿي جنهن کان پوءِ اهو 2 لک 32 هزار 800 رپيا في تولو ٿي ويو.31 مئي تي سون جي في تولي ۾ 1600 رپيا واڌ ٿي ۽ قيمت 2 لک 34 هزار 400 رپين تائين پهتي.ي ڏينهن يعني پهرين جون تي في تولي ۾ 5400 رپين جي نمايان گھٽتائي ٿي. جنهن کان پوءِ سون جي قيمت 2 لک 29 هزار رپيا ٿيوئي.2 جون تي سون 4 هزار رپيا وڌيو جنهن کان پوءِ ان جي قيمت 2 لک 33 هزار رپيا ٿي وئي.هفتي جي پڄاڻي يعني 3 جون تي 1600 رپيا گھٽتائي کان پوءِ سون جو مُلهه 2 لک 31 400 رپيا ٿي ويو.