ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي اڳواڻي ۾ جاري باگڙي آپريشن دوران منظم ڌاڙيلن خلاف ميدان تنگ ڪيو ويو، خطرناڪ ڌاڙيل ڏوهن جي دنيا ڇڏي پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور،بدنام زمانہ داڙيل پولیس کي هٿ ڏئي ڇڏيو، ڌاڙيل مارڻ ۽ اغوا، ڀهنگ، داڙن ،چورين سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ خطرناڪ ڌاڙيلن تي زنده ۽ مرده گرفتار ڪرڻ تي سندن سر، جي قيمت 15 لکھ رپيا رکي هئي، جڏهن ته ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ واضع پيغام ڏنو آهي ته ڌاڙيل ڏوهن جي دنيا کي ڇڏي پوليس اڳيان پيش ٿين، ته جيئن پنهنجي بهتر زندگي گذاري سگهن، جڏهن ته قانوني سهڪار پڻ ڏنو ويندو، ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهارو جسڪاڻي صاحب ۽ ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جو ٽيم انچارج علي محمد مهر ۽ پوليس پارٽي جي لاءِ شاباس ۽ انعام جو به اعلان پڻ ڪيو ويو.