پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي جيل ۾ طبيعت خراب، اسپتال منتقل

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي جيل ۾ طبيعت خراب ٿي وئي آهي.رپورٽ موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي جيل ۾ طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي کيس دل ۾ تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو پي آءِ سي اسپتال ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جو ڊاڪٽرن طبي معائنو ڪيو ۽ ضروري ٽيسٽ پڻ ڪيا ويا.چوڌري پرويز الاهي کي جي پي آءِ سي ٽيسٽ ڪرائڻ کان پوءِ ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويو. سندس هڪ اي سي جي ۽ ايڪو ڪارڊيو سميت ٻيا ٽيسٽ پڻ ڪيا ويا.ياد رهي ته پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي هن وقت جيل ۾ آهي.