سکر: اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت غريب، عوام محنت ڪش، مزدورن، ننڍن واپارين ۽ دڪاندارن کي نظر انداز ڪري وڏن سرمائيدارن ۽ مخصوص طبقي جي بجيٽ پيش ڪئي آهي.

سکر: اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت غريب، عوام محنت ڪش، مزدورن، ننڍن واپارين ۽ دڪاندارن کي نظر انداز ڪري وڏن سرمائيدارن ۽ مخصوص طبقي جي بجيٽ پيش ڪئي آهي. جنهن ۾ مهانگائي، بيروزگاري، غربت جي خاتمي ۽ ننڍن واپارين ۽ تجارتي سرگرمين کي هٿ ڏيارڻ جي لاءِ ڪابه قابل ذڪر ڳالهه ناهي، غربت، مهانگائي، بيروزگاري جي ڪري غريب عوام خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ملڪ بدترين معاشي حالتن ۾ گهريل آهي. تجارتي سرگرميون مڪمل ٺپ ٿي ويون آهن، بجلي، گئس جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي ۽ کاڌي خوراڪ جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. 200 ارب جي اضافي ٽئڪسن 460 ارب جي خساري جي بجيٽ سان واپارين ۽ عوام جي لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿينديون. حڪومت فوري طور تي پيش ڪيل بجيٽ تي نظر ثاني ڪري ملڪ مان غربت، مهانگائي، بيروزگاري جي خاتمي ۽ ننڍن واپارين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجر سيڪريٽريٽ گولڊ سينٽر صرافه بازار ۾ سکر اسمال ٽريڊرز جي منعقد ڪيل اجلاس کي خطاب جي دوران ڪيو. اجلاس ۾ حاجي غلام شبير ڀٽو، حاجي عبدالستار راجپوت، عبدالقادر شيواني، رئيس قريشي، شڪيل قريشي، حافظ محمد شريف ڏاڏا، بابو فاروقي، محمد منير ميمڻ، محمد ڪاشف شمسي، عبدالباري انصاري، مختيار شامي، طارق علي ميراڻي، سليم مالا، محبوب صديقي، جاويد ميمڻ، سيد محمد شاهه، شعيب ميمڻ، اياز علي ابڙو، ذاڪر خان، احسان ٻنڌاڻي، اعظم خان، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، امداد جهنڊير، محمد سجادعامر ، فخر الدين عباسي، صداقت خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت رڳو 10 سيڪڙو ماڻهن جي لاءِ بجيٽ پيش ڪري 90 سيڪڙو ماڻهن جي لاءِمشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. اڄ غريب ماڻهو، اٽي، چانور، دال، کنڊ، گهي، سميت ٻين کاڌي پيتي جون شيون حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان نظر اچي ٿو. حڪومت پيش ڪيل بجيٽ ۾ عوام کي کاڌي خوراج جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي، غربت، مهانگائي، بيروزگاري جي خاتمي ۽ ننڍن واپارين کي ريليف فراهم ڪري تجارتي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا. صدر، وزير اعظم پنهنجي قومي، آئيني، ۽ جمهوري ذميواري کي پور ڪندي بجيٽ کي غريبن ۽ عوامي امنگن جي مطابق ٻيهر ترتيب ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪن جنهن ۾ غريبن جي لاءِ خصوصي پيڪيج، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي لاءِ پاليسيون، تعليم ۽ صحت جي بهتري جي لاءِ ترجيحي، ڪاروبار کي فروغ ۽ غريب ۽ ننڍن واپارين جي مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ قدمن کڻن جنهن سان انهن جون معاشي مشڪلاتون گهٽ ٿي سگهن.