سکر ،وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار جي ٻاهران وڌنڌڙ مهانگائي معصوم ٻارڙن جي خلاف احتجاج،تفصيل مطابق سکر سيشن ڪورٽ جي، ايڊووڪيٽ قربان ڪلوڙ، صادق انصاري، اشوڪ ڪمار، هدايت بلوچ، منضور چوهاڻ، وزير مهر ۽ ٻين وڪيلن پاران عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته معصوم ٻارڙن جي اغوا ۽ مهانگائي چوٽ چڙهندي ٿي وڃي، آئي ڏينهن ماڻهو مهانگائي ۾ خودڪشيون پيا ڪن، ڪجھ ڏينھن اندر ننڍڙي ٻارڙن جو اغوا ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، صالح پٽ مان اغوا ٿيل پريا ڪماري، جعفر ڀٽو، هن محل تائين گهر ناهن پهچي پهچي سگهيا ، سنڌ جي مختلف علائقن مان معصوم ٻارڙا اغوا ٿا ٿين، جن جي هن محل تائين ڪا خبر ناهي،مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، ان جو مطلب آهي حڪومت سنڌ بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي، ڇو جو هاڻي عوام پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهي، اسين چيف جسٽس پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙي ڪدي ڪمن جو نوٽيس وٺي، پريا ڪماري، جعفر ڀٽو جهڙي معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪندڙ سنڌ جي دهشت ڦهلائيندڙ ڌاڙيلن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ۽ سندس عوام کي هن هيڏي مهنگائي جيڪا غريب عوام مٿان روز کائڻ پيئڻ جون شيون وڌائي عذاب جي صورت ۾ حڪمران پاران ڏني ٿي وڃي تن کان انصاف ۽تعفظ ڏنو وڃي،